اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ??لڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم چيو ته ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ شريڪ هئا.