اسلام آباد -07 س??پٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فضائيه جي لازوال قربانين ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چ??و آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن پاڪ فضائيه جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي. تعداد ۾ گهٽ هئڻ باوجود پاڪ فضائيه جي بهادر جوانن پن??نج?? بهادري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان يوم فضائيه تي پن??نج?? پيغام ۾ هن چيو ته ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪري دشمن جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سموري قوم کي پاڪ فضائيه تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وطن لاءِ پن??نج??ن حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.