اسلام آباد-19 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏ??نه?? کي ملهائڻ جو مقصد سياحت کي هٿي وٺر??ئڻ?? نون سياحتي ماڳن جي ڳولا، قديمي آثارن کي محفوظ بڻ??ئڻ?? ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جي دلچسپي جي امڪانن ۾ اضافو، سياحن جو تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ نون سياحتي ماڳن تائين پهچ سميت مختلف لاڳاپيل معاملن کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان موقعي تي سياحت کاتي سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي حصيداري سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ سياحت جي اهميت تي روشني وڌي ويندي.جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پاران پڻ خاص پ??وگرام نشر ۽ مواد شايع ڪيو ويندو.