اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا ??ي وزيراعظم ??اتوسري انور ابراهيم کي نشان پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر ۾ ملائيشيا ??ي وزيراعظم ??اتوسري انور ابراهيم کي اعزاز ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ خصوصي تقريب ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشيا ??ي وزيراعظم ??نور ابراهيم کي اسلامي معاملن جي حمايت ۽ پاڪستان جي بهترين دوست هجڻ جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو. تقريب دوران ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته ملائيشيا ??و وزيراعظم ??لامه اقبال جو شيدائي آهي ۽ ان جي ڪم کي پنهنجي ل??ءِ تحريڪ جو ذريعو سمجهي ٿو. وزيراعظم ??نور ابراهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ سدائين انسانيت جي مسئلن جي حل ۽ اسلامي قدرن جو علمبردار رهيو آهي. سندس قيادت انصاف جي فروغ ۽ اسلامي دنيا کي درپيش عالمي مسئلن جي حل ل??ءِ گهري وابستگي سان عبارت آهي. هو خودمختياري جي تحريڪن جو حامي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي. سندس جدوجهد اسلامو فوبيا ??ي خلاف ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي ل??ءِ جاري آهي ته جيئن مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏئي سگهجي. ان تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهن، سفارتڪارن ۽ اعليٰ حڪومتي ??هد??دارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ملائيشيا ??ي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ هڪ سرڪاري آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.