اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) ??ي ترجمان ??يو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشن پنهنجي شيڊول موجب جاري آهي، مسافرن کي درخواست آهي ته هو ايئرپورٽ ڏانهن سفر ڪندي متبادل ۽ کليل رستن بابت آگاهي حاصل ڪري گ??ران نڪرن. ترجمان مختلف شهرن خاص طور تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي رستن جي بندش جي معاملي تي جاري بيان ۾ چيو ته مسافرن کي درخواست آهي ته اڏام جي مناسبت سان مقرر وقت کان ??هڻو اڳ ايئرپورٽ روانو ٿين ته جيئن هو وقت سر پهچي وڃن.ترجمان چيو ته رش ۽ اڏام نڪري وڃڻ جي پريشاني کان بچڻ لاءِ وقت ڪڍي جلدي ايئرپورٽ ڏانهن رخ ڪرڻ بهتر آهي. پنهنجي اڏامن بابت وقت سر معلومات يا بڪ??گ ??ي تبديلي لاءِ پي آءِ سي جي ڪال سينٽر 786 786 111 تي رابطو ڪن.