اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ فلسطين تي پاڪستان جي مستقل موقف جي توثيق ڪندي اسرائيل جي غيرقانوني قبضي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن عا??مي برادري تي زور ڏنو ته هو خميس ڏينهن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل (يو اين ايڇ سي آر) ۾ بحث دوران فلسطينين جي حقن کي برقرار رکي. والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي صورتحال تي يو اين ايڇ سي آر جي مباحثي کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ عا??مي قانون کي برقرار رکڻ جي فوري ۽ لازمي ضرورت تي پاڪستان جو مستقل موقف پيش ڪيو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن علائقائي امن، سلامتي ۽ ان جي ساک کي شديد خطرو هجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا انساني حق خودمختياري مان نڪرن ٿا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عا??مي انساني حقن جي قانون ۾ لکيل آهن. هن چيو ته اسرائيل جو غيرقانوني قبضو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ نسل ڪشيءَ ۽ نسل پرستي کي روڪڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احساس هج?? گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ ق??بل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گاد?? وارو شهر القدس الشريف هجي.