اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 ??ڪٽ??بر 2024ع ت?? شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربرا??ن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع ت?? چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ مستقل بين الحڪومتي عالمي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقتصادي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آهي جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تنظيم جي سمورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنهن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تنظيم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 ??ڪٽ??بر 2023ع ت?? بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وز??ر خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 ??ڪٽ??بر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين جي وز??راعظم لي چيانگ، روس جي وز??راعظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وز??راعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وز??راعظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وز??راعظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وز??راعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وز??راعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وز??ر سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وز??راعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪابينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وز??ر راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.