رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي ??صيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ??يڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي ??اهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي ??يڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي ??صيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي ??عاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي ??رب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.