اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي ??و) جو اجلاس پرامن ۽ ڪامياب منعقد ٿيڻ تي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اڻٿڪ محنت تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪالهه خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ڪامياب ۽ پرامن منعقد ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ پاڪ فوج، اسلام آباد پوليس، سول انت??ام??ه اسلام آباد، سنڌ ۽ پنجاب رينجرز، پنجاب پوليس، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ سنڌ پوليس جي اڻٿڪ محنت تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته سندن اڻٿڪ ڪوششون پاڪستان جي عالمي تعاون ۽ ع??ائقائي امن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون.