اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم جي بل جي پارليامينٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي ج?? لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، ??ن سان عام ماڻهو کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جا قانوني معاملا عدالتن ۾ سالن جا سال التوا هيٺ رهن ٿا، جيڪي ماڻهو وسيلا رکندڙ نه آهن ۽ پهچ نٿا رکن انهن کي انصاف نه ٿو ملي، انهن مسئلن جي حل لاءِ هي آئيني ترميم مثبت ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته عام ماڻهو کي انشاءَ الله انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. انهن معاملن جي ج??د طئي ٿيڻ جي وڏي اميد آهي. وزيراعظم چيو ته 2006ع ۾ لنڊن ۾ ميثاق جمهوريت تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف جي وچ ۾ جيڪي صحيحون ٿيون هيون، اها انهن جي ويزن جي به پڄاڻي آهي. اها ترميم ان ويزن جي سچائي ج?? گواهي به آهي. ترميم جي حوالي س??ن سمورن سياسي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي وئي، پارليامينٽ جي نمائنده سياسي قيادت سان تفصيلي مشاورت ٿي، ان ۾ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ۽ اتحادي سياسي پارٽيون به شامل هيون. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جي ت??قي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ موثر ۽ مثبت ثابت ٿيندي. وزيراعظم صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف سميت سمورن سياسي اڳواڻن جا دل جي گهراين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو جن ان حوالي سان مدد ۽ ڀرپور رهنمائي ڪئي. وزيراعظم چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحم??ن سان اسان جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. منهنجو ساٿي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله خ??ن سميت ٻيا اڳواڻ به ملڪ جي سياسي قيادت سان مشاورت ۾ شامل هئا. هن چيو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين، ايم ڪيو ايم جي قيادت، نيشنل پارٽي، اي اين پي، بلوچستان عوامي پارٽي ج?? اڳواڻن سميت سمورن اڳواڻن سان هڪ هڪ ۽ گڏيل طور تي جامع مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته آئيني ترميم ۾ معاونت ڪندڙ سموري قيادت جا دل سان ٿورا به ادا ڪيا. وزيراعظم آزاد ميمبرن جا به ٿور?? مڃيا جن جي مدد س??ن سينيٽ ۾ ترميمي بل 65 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ٿيو. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اهو 225 ووٽن سان منظور ڪيو ويو. اهڙي طرح 26هين آئيني ترميم جي اهم اڳڀرائي پڄاڻي تي پهتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد ڏني ۽ ٿور?? مڃيا. هن چيو ته ايس سي او ڪانفرنس پاڪستان جي حوالي سان انتهائي ڪامياب ثابت ٿي. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص ۾ اضافو ٿيو. الله تعاليٰ پاڪستان کي عزت عطا فرمائي. ڪانفرنس جي ڪاميابي ج?? لاءِ بي پناهه ڪوششون ڪيون ويون. ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي چئلينجز هئا، جن ۾ سڀ کان وڏو چئلينج سيڪيورٽي ج?? هو. پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت ۽ انهن جي ٽيمن ۽ اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ ڏينهن رات محنت ڪئي. هن گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو سيڪريٽري سميت قانون ل??ڳو ڪندڙ سمورن ادارن، پوليس، رينجرز ۽ انٽيلي ج??س ايجنسين سان گڏ پاڪ فوج پار??ن سيڪيورٽي ج?? حوالي سان ڀرپور مدد تي ٿور?? مڃيا. هن چيو ته 11 سالن کانپوءِ چيني وزيراعظم پاڪستان آيو، ان کان اڳ 2013ع ۾ آنجهاني چيني وزيراعظم پاڪستان آيو هو ۽ هينيئر 11 سالن کانپوءِ چين جي موجوده وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان جو دورو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته چيني وزيراعظم جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙي طرح ٻين ملڪن جي قيادت به ڪانفرنس شريڪ ٿي ۽ ان موقعي تي جامع مشاورت کانپوءِ پڌرنامو جاري ٿيو. ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن گادي واري شهر جي خوبصورتي ۽ سينگار کي ساراهيو. ان حوالي س??ن سي ڊي اي ج?? چيئرمين محمد علي رنڌاوا ۽ سندس ٽيم جي محنت سارهه جوڳي آهي. هن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، سيڪريٽري اسد گيلاني، وزيراعظم آفيس جي ٻين عملدارن ۽ ٽيم جا به ٿور?? مڃيا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي معاشي ت??قي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي ۽ اسان جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان تيزي سان ت??قي ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مهانگائي ج?? شرح 6.9 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي چڪي آهي ج??ڪو الله تعاليٰ جو خصوصي ڪرم آهي. اهڙي طرح پاليسي ريٽ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي آهي ۽ وڌيڪ گهٽتائي ج?? اميد آهي. فلسطين ۽ لبنان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته غزه ۽ فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي، ٻارڙن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، اسرائيلي ظلم ڏينهن رات جاري آهي، جنهن ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچي رهي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي اڃا تائين ڪو عملدرآمد ناهي ٿيو. اهڙي طرح هيڪ جي عالمي عدالت جي فيصلي کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون سمجهان ٿو ته تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا نه ڏٺا هئا، نه ٻڌا هئا. هن چيو ته اس??ن سڀ الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيون ته اتي ج??د کان جلد جنگبندي ٿئي، بيگناهه مسلمانن جو قتل عام بند ٿئي، ڏينهن رات کيڏندڙ رت جي هوليءَ جو خاتمو ٿئي. پاڪستان غزه ۽ لبنان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ اڳ ۾ ئي امدادي تعاون جا قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي سڄي قوم جي سامهون آهن. وڌيڪ جامع پروگرام تحت غزه ۽ لبنان جي ڀائرن کي وڌيڪ امدادي سامان پهچائينداسين. ان حوالي سان تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن ۽ رستن ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. هن چيو ته نائب وزيراعظم پرڏيهي آفيس سميت اين ڊي ايم اي اس??ن سان گڏجي پوري ڪوششون ڪري رهيا آهن، وزيراعظم سڄي ملڪ جي عوام ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن تي زور ڏنو ته اڄ وقت آهي ته توهان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ اڳتي وڌو ۽ وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرايو، ??ن سان دين ۽ دنيا جي فلاح حاصل ٿيندي.