باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعطم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان – گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه پاڪستان جي ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳا??هه ٻو??هه ٿي. وزيرا??ظم جي ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيرا??ظم جي برطانيا جي وزيرا??ظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان برطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ تي ڳا??هه ٻو??هه سان گڏوگڏ پاڪستان جي تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان مواصلاتي رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳا??هه ٻو??هه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيرا??ظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳا??هه ٻو??هه ٿي. ان کانسواءِ بنگلادي?? ۽ ??يپال سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابطن ۾ وسعت جي حوالي سان ڳا??هه ٻو??هه ٿي. ان کان اڳ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. وزيرا??ظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي گروپ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيرا??ظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان درپيش خطرن تي روشني وجهندو. وزيرا??ظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پاڪستان جيڪي هر سال موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيرا??ظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پاڪستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پاڪستان جنهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل معاشڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيرا??ظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي اسرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندو.