اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر محمد اڪ??م شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪ??م شهيد اوڀر پا??ستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراع??م چيو ته ميجر محمد اڪ??م شهيد (نشان حيدر) دشمن جي عددي برتري جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر محمد اڪ??م شهيد فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراع??م چيو ته مون سميت پوري قوم کي پا?? فوج جي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لاءِ پوري قوم جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراع??م چيو ته پا??ستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.