اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وف??قي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وف??قي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تق??يب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌ??ڪ قدم کنيا ويندا، سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ڪنداسين. عالمي فورم تي انڊيا ?? مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اُٿارينداسين. هن چيو ته پاڪست??ن ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏينداسين. وف??قي وزير چيو ته پاڪست??ن ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏنو، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت کي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.