اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورن چئلينجز جي باوجود اسان انساني حق?? جي تحفظ ۽ خلاف ورزي?? جي تدارڪ جي لاءِ قانوني، معاشي ۽ سماجي فريم ورڪ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان صوبائي حڪومتن، گڏيل قوم?? جي ايجنسين ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن سان گڏجي ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻه?? جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ مسلسل قانوني ۽ انتظامي سڌارا ڪري رهيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انساني حق?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان معاشري جي هر سطح تي انساني حق?? جي فروغ ۽ تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، 1948ع جو گڏيل قومن جو انساني حقن بابت عالمي پڌرنامو اسلام جي بيان ڪيل اصول?? جي عڪاسي ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بنيادي حق?? جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اسان انساني حق?? جي فروغ سان پنهنجي ما??هن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي معاشري جي سمورن طبقن بشمو?? عورتن، ٻارن، بزرگ شهرين، خصوصي ما??هن ۽ اقليت?? جي حق?? جي تحفظ جي اهميت جو مڪمل ادراڪ آهي. صدر چيو ته پختو يقين رکون ٿا ته جمهوريت، امن، آزادي ۽ انساني حقن جو هڪ ٻئي سان گهرو تعلق آهي ۽ عوام جي حقن جو تحفظ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ جي تعمير لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته سمورن چئلينجز جي باوجود اسان انساني حق?? جي تحفظ ۽ خلاف ورزي?? جي تدارڪ جي لاءِ قانوني، معاشي ۽ سماجي فريم ورڪ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان صوبائي حڪومتن، گڏيل قوم?? جي ايجنسين ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن سان گڏجي ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انساني حقن بابت قومي ڪميشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو پئڪيج، انساني حق?? جي لاءِ ايڪشن پلان ۽ ٽول ف??ي هيومن رائيٽس هيلپ لائين (1099) جهڙا قدم انساني حق?? جي تحفظ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جا عڪاس آهن. پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻه?? جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ مسلسل قانوني ۽ انتظامي سڌارا ڪري رهيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته انساني حق?? جي عالمي ڏينهن تي اسان کي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي جن کي رياستي دهشتگردي جي بدترين شڪلين جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي انه?? جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان غزه ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ ۽ قتل عام جي پڻ شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان عالمي برادري تي زور ڀريو ٿا ته اها فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو وچن ڪريون ته برابري، انصاف ۽ انساني وقار تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لاءِ انساني حق?? جي تحفظ ۽ فروغ جي پنهنجي گڏيل ذميواري ادا ڪنداسين.