راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حم??د کي س??اسي سرگرمين ۾ مل??ث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد ??ي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن ??ي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حم??د خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ج?? ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ج?? ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حم??د کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ مل??ث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد ??ي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن ??ي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ج?? عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حم??د جي مل??ث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ج?? عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حم??د کي س??ورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.