اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (??ي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته شام ۾ ڦاٿل 245 پاڪستاني زائرين سميت 350 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني ش??ري شام ۽ لبنان جي سرحد عبور ڪري چڪا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي هدايت ??ي دمشق ۾ پاڪستان جي سفارتخاني وطن واپسي ??ي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ڊپٽي هيڊ آف مشن عمر حيات پاڪستاني ش??رين سان گڏ سرحد تي ويو. بيروت لبنان ۾ ڊپٽي هيڊ آف مشن نواب عادل لبنان ۾ انهن جو استقبال ڪيو.