اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارج?? دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هر قسم ج?? دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارج?? دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس ن??ئيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد لانس ن??ئيڪ محمد امين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر قسم ج?? دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.