اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي حج درخواستگذارن کي سڌ ڏني آهي ته حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي، جنهن هن وقت تائين پنهنجي رهتن جي ٻي قسط لاڳاپيل بئنڪن ۾ جمع ناهي ڪرائي اهي اڄ 2 جنوري تائين جمع ڪرائ?? ڇڏين. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي 27 ڊسمبر کان 2 جنوري تائين اميد ڏني وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 98 سيڪڙو درخواستگذارن رقم جمع ڪرائ?? ڇڏي آهي. اميد آهي ته خم??س 2 جنوري تائين باقي حج پانڌيئڙا به پنهنجي رقم جمع ڪرائ?? ڇڏيندا. مذهبي معاملن واري وزارت جو هدف تقريبن پورو ٿي ويو آهي، هاڻي ان مدي ۾ وڌيڪ واڌ جو ڪو به سبب نٿو بڻجي.