اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد زبير?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ا??لا??ات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعب?? جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد زبيري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد زبيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد زبير?? جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.