ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ?? عيس??ٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي ??فتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پي??هه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خ??اب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيس??ٰ خيل جي ??لائقي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خ??ر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي ??سڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سان جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.