اسلام آباد ?? 10 ??ومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت جو مديني جي رياست جو تصور علامه اقبال جي مسلمانن جي نشاته ثانيه جي پيغا?? جي عين موجب آهي. ڪنهن کي ان معاملي تي طنز نه ڪرڻ گهرجي، دنيا جا ڪجهه ملڪ نشاته ثانيه جي معاملي تي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عمران خا?? جهڙو اڳواڻ ان معاملي تي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، علامه اقبال هندستان ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي استحصال جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها اڄ سچ ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايمبيسڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.