اسلام آب??د ?? 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??ورونا جي پهرين لهر ۾ وزيراعظم جي وقت سر ۽ دانشمنداڻي قدمن پاڪستان کي وڏي جاني نقصان کان بچائي ورتو، ڪورونا جي ٻي شديد ترين لهر ۾ مخالف ڌر جون سياسي سرگرميون ڪورونا ڦهلاءُ جو سبب بڻجي رهيون آهن، پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي دنيا ساراهي رهي آهي. هو ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ 23 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس بعنوان ”ڪوويڊ 19 ۾ پائيدار ترقي“ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيو هو.