اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمدني واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غور هيٺ منصوبن جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريلين رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 منصوبن ۾ 39.83 ملين مرب?? فٽ تي تعميرات جي منظ??ري ڏني وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مرب?? فٽ زمين تي تعمير جي 526 منصوبن جي منظ??ري جو عمل غور هيٺ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين منظور ٿيل منصوبن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ منصوبن جي منظ??ري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن منصوبن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل ڊي اي پاران 11.03 ملين مرب?? فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منصوبن جي منظ??ري ڏني وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظ??ري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملين مرب?? فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منصوبن جي منظ??ري ڏني وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملين مرب?? فٽ تي تعميرات جي 121 منصوبن جي منظ??ري ڏني وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مرب?? فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظ??ري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملين مرب?? فٽ جي 33 منصوبن جي منظ??ري ڏني وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مرب?? فٽ جا 269 منصوبا منظورين جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظورين جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منصوبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذ??يوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.