اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين ۽ سينيٽر شبلي فرا?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم پاران چونڊ سڌارن لاءِ لکيل خط تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڳالهائيندي چيو ته آئيني ۽ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن. پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پ??رلياماني اڳواڻن سان مشاورت ڪئي ويندي. سينيٽ چونڊن ۾ ٿيل واقعن سان ملڪي سياست کي نقصان پهتو آهي.