اسلام آ??اد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي ف??اه??ي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ??وششون سا??اه?? جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي ف??اه??ي تي پنهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ڪوششن کي سا??اه??و ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ??يرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي سا??اه?? ٿو.