اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانس??ان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪس??ان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيرا??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته افغانس??ان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪس??ان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دوران افغانس??ان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانس??ان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيرا??ظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪس??ان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيرا??ظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانس??ان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيرا??ظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيرا??ظم ماريو ڊراگي کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.