اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان ??در ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽور??ٽ جنرل آف انٽيليجنس ان ??علسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ??ار??وائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ??ار??وائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر صدر جي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج ش??ٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جو?? گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.