اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانستان تائين پهچ جي لاءِ ??اڪ??تان اهم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ ان??اني الميو پيدا نه ٿئي، ??اڪ??تان ان??اني همدردي جي بنياد تي افغان عوام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان ان??لا ۾ مدد فراهم ڪئي، ??اڪ??تان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، ??اڪ??تان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪ??تان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ ??اڪ??تان جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته ??اڪ??تان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلا??ات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ان??لا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اڪ??تان ان??اني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانستان تائين پهچ جي لاءِ ??اڪ??تان اهم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلا??ات واري وزارت افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي ان??لا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ ان??اني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغانستان جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته ??اڪ??تان انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش ??هي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلا??ات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي ان??لا ۾ مدد ڪرڻ تي ??اڪ??تان جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪ??تان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلا??ات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.