اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته نومبر 1947ع تي ڀ??رت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي م??قعي تي پ??هنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ پ??ري دنيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن کي زبردست انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. فرخ حب??ب چيو ته 6 نومبر 1947ع تي ڀ??رت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. فرخ حب??ب چيو ته بدمست هاٿي ڀ??رت ۽ مهاراجا هري سنگهه مسلمانن جي رت سان هولي کيڏي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري جاگرافيائي تبديلي تي عالمي برادري جي خاموشي سواليه نشان آهي. فرخ حب??ب چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جو ڪيس انهي جرئت ۽ بهادري سان وڙهندو رهندو.