اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آر??ي پبلڪ اسڪول پ??اور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري قوم کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آر??ي پبلڪ اسڪول سانحي ک?? 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪستاني قوم کي ان دردناڪ سانحي جي ياد ڏي??ري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عنصرن اسان جي قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري ک??ن شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آر??ي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏي??ري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان جي پويان اها بزدلاڻي سوچ هوندي آهي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، آر??ي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني قوم جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عنصرن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آر??ي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.