اسلام آباد – 03 جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پا??ليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پا??ليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پا??ٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙهو ته اهو به رويي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي وزير چيو ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنهي پا??ٽين وٽ مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ 62 ڪروڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پ??ش نه ڪري سگهي، ڀون داس 3 ڪروڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي وزير چيو ته اليڪشن جي لاءِ پا??ٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پا??ليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آ??ي، 10 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ پيپلزپارٽي پا??ليامينٽرين پيپلزپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته پيپلزپارٽي جو 35 ڪروڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.