اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته رانديگر ميدان ۾ پاڪستاني سفير آهن، ملڪ ۾ گولف جي فروغ لاءِ ڪيڊيز سان پروفيشنل گولفر ٺهڻ وارن کي اعزازي ميمبرشپ ڏني وڃي. پاڪستان گولف ??يڊ??يشن پاليسي سازي لاءِ ڪميٽي جوڙي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گولف ??يڊ??يشن جي نالي خط ۾ ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ گولف جي فروغ لاءِ ڪيڊيز کان پروفيشنلز گولفر ٺهڻ وارن کي اعزازي ميمبرشپ ڏني وڃي، گولف ??يڊ??يشن 10 وڏن گولفرز کي سڄي ملڪ جي سڀني گولف ڪورسز ۾ اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ تي غور ڪري، هن چيو ته رانديگر ميدان ۾ پاڪستاني سفير آهن، ملڪي ۽ غير ملڪي ٽورنامينٽس ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندا آهن. جيڪي گولفرز ميمبرشپ جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن انهن کي اعزازي ميمبرشپ ڏني وڃي. پاڪستان گولف ??يڊ??يشن پاليسي سازي لاءِ ڪميٽي جوڙي.