اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين سينئر اداڪار رشيد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ??ا جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ۽ اردو زبان جي پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري ??ان ماڻهن جون دليون کٽيون. پنهنجي بيان ۾ چوڌري فواد ??سين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو ه??، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿيندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.