ا??لا?? آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان حڪومت ملندي ئي روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، هلندڙ سال جولاءِ کان فيبروري ايڪسپورٽس جو ڪاٿو 20.552 ب??ين ڊالرز آهي جيڪو گذريل سال جي 16.324 ارب ڊالرز کان 26 سيڪڙو رڪارڊ اضافو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته انشاءَ الله هن سال روانگي واپار ۾ تاريخي اضافو ٿي??دو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ جي 5 ??الا دور ۾ ايڪسپورٽس وڌڻ بدران گهٽ ٿي وئي هئي.