اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمو??ي اجلاس کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته 48 هين سيشن جو م??ضو?? ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمو??ي اجلاس ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ ??ار??ن ڪم جي آجيان ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن ??ار??ن ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.