اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ڪار??با??ي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، صنعتڪارن جي مشاورت سان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”آسان ڪار??با?? پروگرام“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، غير ملڪي سفارتڪارن، واپاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ڪار??با?? ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ڪار??با?? ۾ آساني جي لاءِ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪار??با?? سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڪار??با?? جي باري ۾ پورٽل جاري ڪرڻ جي ساراهيندي چيو ته ان سان واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ واپار جي باري ۾ آگاهي حاصل ٿيندي. صدر چيو ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، ڪار??با?? ۾ آساني جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. هن تقريب جي انعقاد تي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻين ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قومون سڌارن سان ترقي ڪنديون آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي ج?? استعمال سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، عورتن کي به ڊجيٽل سيڪٽر ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، صدر چيو ته ص??با??ي حڪومتن ان منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ سان مڪمل تعاون ڪيو آهي جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو قدم آهي، مملڪتي وزير ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪار??با??ي ماحول کي سازگار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، هڪ سئو کان وڌيڪ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفاقي ۽ ص??با??ي کاتن سان 167 سڌارن تي غور ڪيو ويو، مج??وع?? طور تي 75 ادارن ۾ 115 سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو جنهن مان 30 کان وڌيڪ شعبن کي فائدو حاصل ٿيو آهي جنهن ۾ فوڊ پراسيسنگ، صحت جو شعبو، شمسي توانائي جو ڪار??با??، جراحي اوزار ٺاهڻ واري شعبي کانسواءِ تعميرات ۽ سياحت جا شعبا شامل آهن. وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪار??با?? شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿي آهي، ٽيڪنالاجي ج?? استعمال سان سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لاءِ مسئلن کي گهٽ ڪيو ويو آيه، هن ص??با??ي ۽ ضلعي سطح تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪار??با?? جي مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، تقريب کي عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به خطاب ڪيو. هن صدر کي تقريب ۾ شرڪت تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آسان ڪار??با?? پروگرام سان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ ان سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، بورڊ آف انويسٽمينٽ ”آسان ڪار??با?? پروگرام“ جو آغاز ملڪ ۾ واپار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي، ان پروگران سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪار??با?? کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪار??با?? ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سڌارن جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ صدر بورڊ آف انويسٽمينٽ جي بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ به و??ها??ا.