??سل??م آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ ??سل??مو فوبيا جي چئلينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏي?? جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ??سل??مي تعاون تنظيم جي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پر??يهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??سل??مي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي ??سل??مي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ??سل??مي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ ??سل??مو فوبيا جي چئلينج تي روشني وجهندي وزيراعظم عمران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏي?? جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي عيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ سعودي عرب جي مستقل ??ما??ت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پر??يهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.