اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اس??ام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل م??راتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ?? بين المذاهب مڪالمي کي مضبوط بڻائڻ، اس??امو فوبيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگيز بيانيو، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد پاڪستان جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، اس??امي مشاهير ۽ مقدس جاين جي ڄ??ڻي و??ڻي توهين، امتيازي قانونن ۽ پاليسين، حجان تي پابندي، مسجدن تي حملا، انتهائي کاٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلانن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلمانن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ مسلمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين جي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي پاران 15 مارچ تي اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل م??راتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته يو اين اي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ان جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.