اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي، قوم نئين چونڊن جي تياري ڪري، ??سان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪروڙين رپين سان ضمير خريد ڪري حڪومت بدلائڻ جي سازش ۽ غداري ناڪام بڻائي آهي، قوم کي گهٻرائڻو نه آهي، مستقبل جو فيصلو ??ري، ??هو فيصلو ??نهن ٻاهرئين طاقت يا ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو پر اهو فيصلو پاڪستاني قوم کي ڪرڻو آهي ته اها ڪنهن کي چونڊي ٿي، ??يڪي ماڻهو اچڪن سبرائي ويٺل هئا انشاءَ الله انهن جا ڪروڙين رپيا ضايع ويندا. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي جي رٿ غيرملڪي ايجنڊا هئي، ??ن رٿ کي اسيمبلي مان رد ڪرڻ جي فيصلي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڄي قوم ان صورتحال سان پريشان هئي، آئ??ن قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله هن قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. 27 رمضان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ان جي خلاف ڪا سازش انشاءَ الله ڪامياب نه ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر پاران ڏنل رولنگ کانپوءِ مون صدر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي ته هو اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي. اسان فيصلو ??يو آهي ته هڪ جمهوري معاشري ۾ اسان عوام وٽ وڃون ۽ اها فيصلو ??ري ته اها ڪنهن کي چاهي ٿي ته جيئن اڳتي ٻاهر جي سازش سان ڪرپٽ عنصر پئسن جي ٻورين سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪري اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪن. اهي ماڻهو جيڪي اچڪن سبرائي ويٺل هئا انهن جو اهو پئسو ضايع ٿي ويو آهي، آئ??ن پئسا وٺندڙن کي چوان ٿو ته اهي اهو پئسو ڪنهن پناهگاهه تي لڳائي ڇڏين. هن قوم کي چيو ته اها نئين چونڊن ۾ قوم جي مستقبل جو فيصلو ??ري. اهو فيصلو ??نهن ٻاهر جي طاقت يا ڪنهن ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو. صدر وٽ ايڊوائيس وڃڻ کانپوءِ اسيمبليون تحليل ٿي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته آئ??ن الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته قوم سان ڪئي و??ند?? ايتري وڏي سازش ناڪام ٿي آهي.