اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود سان صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي پرڏيهي وزار?? ۾ ??لوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات دوران کيس پاڪستان ۾ سونپيل ذم??دارين جي ادائيگي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. سهيل محمود اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي اجلاس ۾ صوماليه جي پرڏيهي وزير جي شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي ??ي پاڪستان جي ”انگي?? آفريقه“ پ??لي??ي لاءِ صوماليه جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.