اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻه?? جي معاشي حالت بهت?? بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي م??جوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻه?? جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ ??هانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي م??جوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.