اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين ج?? جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنج?? چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چي?? دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن ج?? تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين ج?? سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين ج?? مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن ج?? لاءِ ر??يل ڪتاب ۾ چيني رهواسين ج?? جاني نقصان ت?? چين ج?? حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظها?? ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.