اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس جو ??جلاس ٿيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم اجلاس ۾ ان ڳالهه تي افسوس جو ??ظهار ڪيو ته اتر وزيرستان ۾ پوليو هڪ دفعو ٻيهر سر کڻي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته گڏيل سوچ ۽ فڪر، عمل، همت ۽ عزم سان پاڪستان مان پوليو جي خاتمي ۽ متاثر علائقن ۾ خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ب??ا دير عملي قدم کڻڻ گهرجن.