هنزه – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳاپيل عملدارن کي انساني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصا?? کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنزه ششپر گليشيئر کان متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر کي حسن آباد ايف ڊبليو ڪئمپ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او جي اعليٰ عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ ۾ تيزي آئي آهي، لاڳاپيل عملدار انساني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن، سمورا ممڪن حفاظت?? قدم کڻن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن ک?? قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصا?? کان بچائڻ جي لاءِ سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي، لاڳاپيل ادارا اهڙن واق??ن جي وقت سر روڪٿام ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقع?? کان بچڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته متاثر پل جي فوري تعمير ۽ متاثرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضر??رت آهي، ششپر گليشيئر جي متاثرين جا مطالبا حل ڪرڻ جي لاءِ فور?? قدم کنيا وڃن. صدر کي ششپر گليشيئر جي پگهڙڻ، ممڪن خطرن، حسن آباد ۾ تعمير هيٺ آر سي سي پل ۽ ٻين مواصلاتي انتظامن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر هنگامي حالتن ۾ عوام کي جاني ۽ مالي طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، جي پي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا ج?? قدمن کي ساراهيو.