اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف چيو آهي ته آزادي جو ڏينهن اسان جي شهيدن جي ناقابل فراموش قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ کانسواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، اسان جي شهيدن سدائين پنهنجي خون سا?? پاڪ وطن جي حفاظت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ آئون بلوچستان هيليڪاپٽر سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ مي??ر طلحيٰ منان جي گهر ويس، مون گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته آزادي جو ڏينهن اسان جي شهيدن جي ناقابل فراموش قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ کانسواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. اسان جي شهيدن سدائين پنهنجي خون سا?? پاڪ وطن جي حفاظت ڪئي آهي.