اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صار??ين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قا??م ڪندي 200 يونٽن وارن صار??ين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صار??ين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صار??ين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صار??ين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ??نل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صار??ين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قا??م ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صار??ين جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صار??ين جي بلن کي گهٽ ڪيو وڃي. بجلي جي بلن جي تصحيح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح لاءِ عملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بل ??مع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.