دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري جي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي ل??ءِ اميري ديوان ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ دوحه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي ل??ءِ اميري ديوان ويندو. پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي ل??ءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ديوان ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم اڄ دوحه ۾ 974 اسٽيڊيم جتي فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي مختلف سيڪشنز ۽ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ۽ قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪ??دو.