اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏ?? دشمن ڀارت کي ر??ڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪيو، پاڪ فوج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيديان جي ٻ??هي مهاذن تي پاڪ فوج وڏ?? جاني نقصان پهچائيندي ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، وڏ?? انگ ۾ ڀارتي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيترين ئي ڀارتي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪيو ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏ?? جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀارتي فوجين کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ڪرايو ويو جنهن تي ڀارتي فوج صبح جو قبضو ڪيو هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏ?? نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀارتي فوجين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي جي خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جه??ز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آهن، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.