اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ??زي??اعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??فد جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان ??زي??اعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ڪروٽ ??ائ??ڊرو پاور پراجيڪٽ گذر??ل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ڪروٽ ??ائ??ڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. ??زي??اعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپنين ۽ چين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چائنا ٿري گارجز کي ڪروٽ ??ائ??ڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.