اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ??ين??ي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لا??ِ سمورا قدم کنيا ??ين??ا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ??ين??ي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي ??اء?? هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي ??اء?? گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ??اء?? گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لا??ِ سمورا قدم کنيا ??ين??ا. اجلاس کي آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ??ين??ڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي ??اء?? ڏني ??ين??ڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.